حسني قادري علي اصغر شاهه جيلاني

حسني قادري، علي اصغر شاهه جيلاني: حسني قادري، سيد علي اصغر شاهه جيلاني، وقت جو ولي ۽ عارف ٿي گذريو آهي، هن کي ’دريائي پير‘ به سڏيندا آهن. سندس ولادت نورائي شريف ۾ ٿي ۽ غوث اعظم دستگير پير عبدالقادر شاهه جيلانيرح جي تيرهين پيڙهيءَ مان هو. سندس ديني، فلاحي خدمتن جو تذڪرو تحفة الڪرام‘ ۾ به آهي. هڪ روايت موجب پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد علي اڪبر شاهه جيلانيءَ سان گڏ درياهه جي ڪناري واقع پنهنجي آستاني تي ويٺل هو. (ان وقت سنڌوءَ جو وهڪرو نورائي شريف مان هو.) ته هڪ پريشان حال ٻڍڙي عورت روئندي اچي عرض ڪيو ته منهنجو سڄو خاندان ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي ۽ٻيڙي ٻڏڻ واري آهي. پاڻ ڳوڙهي تي چڙهي وڃي ٻڍڙي جي خاندان واري لهرن ۾ لڙهندڙ ٻيڙي سلامت ڪڍرايائين ۽ پنهنجي بزرگ پير عبدالقادر شاهه جيلانيءَ جي روايت کي پورو ڪيائين. ان ڏينهن کان پوءِ مٿس ’دريائي پير‘ نالو پئجي ويو ۽ چون ٿا ته بعد ۾ مستقل طور پنهنجي خاندان سان گڏ هڪ ٻيڙيءَ ۾ درياهي زندگي گذاريائين ۽ عبادت ڪيائين.
پير علي اصغر ’دريائي پير‘ جو وصال ٻيڙيءَ ۾ ئي 28 ربيع الآخر 1200هه تي ٿيو. هاڻوڪي ڪوٽڙي پل سان گڏ ساڄي هٿ تي سندس جسد خاڪي 6 مهينا امانت طور رکيو ويو، اها جاءِ هاڻي به ’دريائي پير جي تڪيي‘ طور مشهور آهي، بعد ۾ کيس درگاهه نورائي شريف ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1200.06.28  هجري

پير علي اصغر ’دريائي پير‘ جو وصال ٻيڙيءَ ۾ ئي 28 ربيع الآخر 1200هه تي ٿيو. هاڻوڪي ڪوٽڙي پل سان گڏ ساڄي هٿ تي سندس جسد خاڪي 6 مهينا امانت طور رکيو ويو، اها جاءِ هاڻي به ’دريائي پير جي تڪيي‘ طور مشهور آهي، بعد ۾ کيس درگاهه نورائي شريف ۾ دفنايو ويو.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير، اصحابي محمد اسماعيل
حاجي سومرو درويش
سيرين رضه
خيرالدين شاهه بغدادي
حاجي شير محمد شاهه مهاجر مدني
عبدالله بن عمر رضه
دلائي لاما
حذيفه رضه بن اليمان
ڪڙيو شيخ
حاجي سيد محمد يعقوب
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون